ٻيڙو مير بحر

ٻيڙو مير بحر: ٻيڙو مير بحر سنڌ جي قومي راند ملهه جو مشهور پهلوان ٿي گذريو آهي. هن پهلوان جو اصل ڳوٺ رمضان مير بحر، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾آهي ۽ هن پهلوان کي ملهه جو شوق پنهنجن وڏن کي ڏسي پيدا ٿيو. هن پهلوان جو پيءُ، چاچو ۽ ڏاڏو به سٺا ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن، جن کي ڏسندي هن کي به ملهه جو شوق جاڳيو. هن ملهه جي ابتدا پنهنجي ڳوٺ کان ڪئي. ملهه جي تربيت پنهنجي سئوٽ اميد علي مير بحر کان ورتائين. جڏهن ملهه سکي تيار ٿيو ته پهلوان اميد علي کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملاکڙن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. ٻيڙو پهلوان پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مهينو ٽئين جوڙ ۾ وڙهيو ۽ جلد ئي ترقي ڪري، ٻئي جوڙ ۾ پهتو هيءُ هڪ ڪامياب پهلوان آهي.


لفظ ٻيڙو مير بحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو